وزيراعظم جِي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرچاءَ واري ڪردار جي آجيان ڪيون ٿا،

وزيراعظم جِي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرچاءَ واري ڪردار جي آجيان ڪيون ٿا، عالمي برداري ڀارت جي هڪ طرفن قدمن ۽ ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشمير جي آزادي جي صبح تائين پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

هن چيو ته وزير اعظم عمران خان  جنهن زوردار طريقي سان ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو،قوم کي ان تي فخر آهي.

هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس سان ڀارتي دعوا جي نفي ٿي وئي ته ڪشمير ان جو داخلي معاملو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارت هڪ طرفو نه ئي حقيقتون تبديل ڪري سگهي ٿو، نڪي وري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*