احتساب عدالت   آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ  بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ لاءِ احتساب عدالت  درخواست جي شنوائي دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ  بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

احتساب عدالت   آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ  بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .

احتساب عدالت جي جج محمد بشير درخواست جي شنوائي ڪئي.

فريال ٽالپر جي وڪيل  فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته فريال ٽالپر ٻه ڀيرا ميئر، ايم اين اي ۽ هاڻ ايم پي اي  آهي،عدالت فريال ٽالپر جو راهداري ريمانڊ ڏئي.ان تي نيب کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.

آصف زرداري جي وڪيل سردار لطيف کوسا  چيو ته آصف زرداري کي پاڪستان جون آئين سهولتون ڏئي ٿو،هو دل جو مريض آهي ۽ اڳوڻوصدر رهي چڪو آهي.

 هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ آصف زرداري کي اي ڪلاس جون سهولتون ڏنيون.عدالت نيب حراست ۾ اٽينڊنٽ رکڻ جي به اجازت ڏني هئي.

لطيف کوسا چيو ته آصف زرداري کي سهولتون ڏيڻ انتظامي معاملو ناهي،پر عدالت جو استحقاق آهي ته اي ڪلاس جي سهولت ڏئي.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر درخواستن جي مخالفت ڪندي چيو ته  جيل ۾ اي ۽ بي ڪلاس جون سهولتون ختم ڪيون ويون آهن،هاڻ بيٽر ڪلاس ڏئي سگهجي ٿو.ان لاءِ جوابدارن کي آئي جي جيل کي درخواست ڏيڻي پوندي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*