ٿر جي گلن جهڙن ٻارن جون فوتگيون رُڪجي نه سگهيون

ٿر جي گلن جهڙن ٻارن جون فوتگيون رُڪجي نه سگهيون، سول اسپتال مٺي ۽ ننگرپارڪر تعلقا اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون.

مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڳوٺ کارسر جي رهواسي بچو خان جي هڪ ڏينهن جي ڌيءُ ۽ ننگرپارڪر تعلقا اسپتال ۾ ڳوٺ کيپليون واسي نديم چانڊيو جي 20 ڏينهن جي ڌي شڪيلا  فوت ٿي ويون.

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب پوڻا اٺ مهينن دوران فوتي ٻارن جو انگ وڌي 562 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*