ڪراچي کان گوادر ويندڙ مسافرڪوچ  بلوچستان جي علائقي پسني ويجهو ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ مسافر فوت ۽ ٻار ۽ عورتن سميت 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪراچي کان گوادر ويندڙ مسافرڪوچ  بلوچستان جي علائقي پسني ويجهو ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ مسافر فوت ۽ ٻار ۽ عورتن سميت 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪراچي کان گوادر ويندڙ ڪوچ  ڪوسٽل هاءِ وي تي شتنگي واري جاءِ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي وئي.

حادثي ۾ فوتي جو لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي آر ايڇ سي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ خاران واسي تيمور شاهه طور ٿي آهي.

ريسڪيو ذريعن مطابق  ڪوچ ۾ سوار 22 مرد، ٽي عورتون ۽ هڪ معصوم ٻار زخمي ٿيا آهن.جڏهن ته ڇهن مسافرن جي حالت نازڪ آهي،جن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

ذريعن مطابق عارضي طور تي  مسافرن کي پسني جي اسپتال آندو ويو، جتي کين شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*