اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڪابينا ميمبرز کي بريفنگ ڏني

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشمير معاملي تي کنيل قدمن ۽ عالمي رابطن بابت ميمبرز کي اعتماد ۾ ورتو، ڪابينا اجلاس مختلف ملڪن سان معاهدن ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڪابينا ميمبرز کي بريفنگ ڏني

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشمير معاملي تي کنيل قدمن ۽ عالمي اڳواڻن سان رابطن بابت ميمبرز کي اعتماد ۾ ورتو

وفاقي ڪابينا جي ميمبرز پاران ڪشمير تي اثرائتو موقف اختيار ڪرڻ تي وزيراعظم جي تعريف ڪئي ۽ ميمبرز والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو عزم به ورجايو

ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين منصوبي ۾ مختلف ترميمن جي منظوري ڏني وئي ۽ پاڪ-ترڪ اقتصادي فريم ورڪ جي به منظوري ڏني وئي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير مراد سعيد مواصلات واري وزارت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم مواصلات جي هڪ سال واري ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*