اسلام آباد جِي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد جِي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت درخواستون رد ڪرڻ جو لکت ۾ به فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ لاءِ احتساب عدالت درخواست جي شنوائي دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ  کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پ پ اڳواڻن جون سموريون درخواستون رد ڪيون

احتساب عدالت پاران پ پ  ايم پي اي فريال ٽالپر جي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ واري درخواست به رد ڪئي وئي آهي

احتساب عدلت پاران پ پ اڳواڻن جون درخواستون رد ڪرڻ جو لکت ۾ به حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي

عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ اي ڪلاس جي سهولت نٿي ملي سگهي، ٻئي جوابدار پنهنجي خرچ تي جيل اندر اي سي ۽ فرج رکي سگهن ٿا

احتساب عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جيل اندر پنهنجي خرچ تي اٽينڊنٽ به رکي سگهن ٿا

ان کان اڳ فريال ٽالپر جي وڪيل  فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو هو ته فريال ٽالپر ٻه ڀيرا ميئر، ايم اين اي ۽ هاڻ ايم پي اي  آهي، عدالت فريال ٽالپر جو راهداري ريمانڊ ڏئي، ان تي نيب کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.

آصف زرداري جي وڪيل سردار لطيف کوسا چيو ته آصف زرداري کي پاڪستان جون آئين سهولتون ڏئي ٿو، هو دل جو مريض آهي ۽ اڳوڻو صدر رهي چڪو آهي

 هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ آصف زرداري کي اي ڪلاس جون سهولتون ڏنيون، عدالت نيب حراست ۾ اٽينڊنٽ رکڻ جي به اجازت ڏني هئي

لطيف کوسا چيو ته آصف زرداري کي سهولتون ڏيڻ انتظامي معاملو ناهي، پر عدالت جو استحقاق آهي ته اي ڪلاس جي سهولت ڏئي

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر درخواستن جي مخالفت ڪندي چيو ته  جيل ۾ اي ۽ بي ڪلاس جون سهولتون ختم ڪيون ويون آهن، هاڻ بيٽر ڪلاس ڏئي سگهجي ٿو، ان لاءِ جوابدارن کي آئي جي جيل کي درخواست ڏيڻ گهربي هئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*