پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ انساني حقن جا بکيا اڊيڙي رهيو آهي، عوام سان ظلم ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ نه ڏينداسين

پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ انساني حقن جا بکيا اڊيڙي رهيو آهي، عوام سان ظلم ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ نه ڏينداسين

گلگت بلتستان جي علائقي استور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زردري  چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم نواز شريف سان گڏ سندس ڌيءُ کي به گرفتار ڪيو آهي، اسان پاڻ مٿان ظلم ته برداشت ڪري وينداسين، پر عوام تي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪشمير ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئين ٿو ڪري سگهي جڏهن هو جمهوريت تي يقين ئي نٿو رکي

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي حملو ڪيو آهي، اهو حملو رڳو واديءَ تي نه پر مسلمانن تي به حملو آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺپتلي وزيراعظم والاريل ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلم تي نه ڳالهايو آهي، اسان کي ڪشميري ڀيڻ ڀائرن جو ساٿ ڏيڻو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*