ڀارت پاران ڪنٽرول لائين تي اڳراين جو سلسلو جاري آهي، شهري آبادي تي بناجواز فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙي سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 ڀارتي فوجي به مارجي ويا

ڀارت پاران ڪنٽرول لائين تي اڳراين جو سلسلو جاري آهي، شهري آبادي تي بناجواز فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙي سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 ڀارتي فوجي به مارجي ويا

ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪنٽرول لائين تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ڀارتي فوج ڪنٽرول لائين جي تته پاني سيڪٽر تي شهرآبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 سالن جَي هڪ ٻارڙَي سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا آهن

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي فوج جي فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڀارتي فوجي مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جا 2 بنڪرز به تباهه ٿيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*