بلوچستان جي شهر ڊيرا الله يار ۾ تيز رفتار ڪار ، پندرهن سالن جي اسڪول جي شاگرد جميل بروهي کي ڇيڀاٽي ڇڏيو

بلوچستان جي شهر ڊيرا الله يار ۾ تيز رفتار ڪار ، پندرهن سالن جي اسڪول جي شاگرد جميل بروهي کي ڇيڀاٽي ڇڏيو.

ڊيرا الله يار ۾ ايس ايس پي  آفيس ڀرسان قومي شاهراهه تي  تيز رفتار ڪار ان وقت اسڪول جي شاگرد کي ڇيڀاٽي  ماري ڇڏيو، جڏهن هو موٽر سائيڪل تي اسڪول وڃي رهيو هو.

نوجوان شاگرد جميل احمد بروهي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو.شاگرد جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

حادثي کانپوءِ ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*