پاڪستان ۾ 16 بدران 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز قائم ڪيون ويون آهن، بلوچستان، سينٽرل پنجاب، خيبرپختونخوا، ناردن، سدرن ۽ سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز پي سي بي جي نئين آئين ۾شامل آهن

پاڪستان ۾ 16 بدران 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز قائم ڪيون ويون آهن، بلوچستان، سينٽرل پنجاب، خيبرپختونخوا، ناردن، سدرن ۽ سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز پي سي بي جي نئين آئين ۾شامل آهن، ڪيبينٽ ڊويزن طرفان آئين جي منظوري جو نوٽيفڪيشن پي سي بي کي ملي ويو، 19 آگسٽ 2019ع کان لاڳو ٿيل نئين بي او جي ۾ٽن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جا صدر به شامل هوندا.

  ڪجهه ڏينهن اڳ پي سي بي جو نئون آئين جوڙيو ويو هو، جنهن جو ڪيبينٽ ڊويزن طرفان باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي، جيڪو پي سي بي کي به ملي ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب پراڻي مان نئين آئين ۾عبوري انتظام شق نمبر 49 ۾ مقرر ڪيا ويا آهن

نئين بي او جي ۾3 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جا صدر به شامل هوندا،  بي او جي ميمبرز ۾4 آزاد ڊائريڪٽرز هوندا،هڪ عورت جي شموليت به ضروري قرار ڏني وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب سيڪريٽري آءِ پي سي بورڊ آف گورنرز ۾غيرفعال  ميمبر طور شامل هوندو

نوٽيفڪيشن ۾چيو ويو آهي ته 16 بدران هاڻي 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز هونديون، جن ۾ بلوچستان،سينٽرل پنجاب،خيبرپختونخوا،ناردن، سدرن ۽ سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز شامل آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*