سپريم ڪورٽ  پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٻه تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ  پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٻه تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر معظم عباسي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي  سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

ندا کهڙو عدالت ۾ درخواست ڪئي هئي ته جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي 180 ايڪڙ زمين نامزدگي فارمن ۾ ظاهر نه ڪئي.

عدالت  ندا کهڙو جي درخواست منظور ڪندي  معظم عباسي جي ڪاميابي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو.

جسٽس اعجاز الاحسن فيصلو پڙهي ٻڌائيندي پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٽو  ۾ ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو .

 عدالتي فيصلي کانپوءِ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

هن چيو ته عدالت جو فيصلو  مڃيان ٿو پر مان ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺندس، ڇو ته لاڙڪاڻي شهر جو عوام مون سان گڏ آهي.

هن  دعوا ڪئي ته پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي واسين سان زيادتي ڪندي رهي آهي ۽ عوام پ پ خلاف آهي ۽ اهو  اڄ به مون سان گڏ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*