سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته  عالمي برادري کي  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

 وزير اعظم عمران خان   دنيا ۾ مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي تشدد  کان متاثر ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي چيو آهي ته دنيا جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي جو شڪار ڪشميرين طرف ڇڪائڻ گهرون ٿا،ڪشميرين کي عيدالاضحيٰ سميت مذهبي رسمون ادا ڪرڻ نه ڏنيون ويون.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته  عالمي برادري کي  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪشميرين کان سمورا بنيادي حق ۽ آزادي کسي وئي آهي،ڀارت والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو آهي.

وزير اعظم ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪشميرين کان عبادت جو حق به کسي ورتو آهي، عيدالاضحيٰ تي ڪشميرين کي عيد نماز پڙهڻ جي اجازت به نه ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*