اسلام آباد ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ٻن شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

اسلام آباد ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ٻن شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ۽ آءِ جي اسلام آباد  سميت  ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

شهيد پوليس اهلڪارن جي اسلام آباد ۾ جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ  سندن مڙهه سرڪاري اعزاز سان اباڻن علائقن ڏانهن موڪليا ويا.

حڪومت پاران شهيد اهلڪارن جي فيمليز لاءِ 60 سالن تائين پگهار ڏيڻ جو  به اعلان  ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف اسلام آباد ۾ دهشتگردن جي  حملي جي ذميواري هڪ بندش تنظيم قبول ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*