سپريم ڪورٽ  جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي

سپريم ڪورٽ  جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي.چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ويهه آگسٽ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

واضح رهي ته ويهه آگسٽ تي ايف آئي اي  جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ نوان انڪشاف سامهون آيا هئا.

رپورٽ مطابق  ايف آئي اي ويڊيو جي فرانزڪ آڊٽ به ڪرائي ورتي آهي.

رپورٽ مطابق  جج ارشد ملڪ ٻن مهينن ۾ ٻه عمرا ڪيا، ارشد ملڪ 23 مارچ کان چار اپريل 2019 تائين سعودي عرب ۾ رهيو.

ارشد ملڪ اٺاويهه مئي کان اٺ جون تائين ٻيهر سعودي عرب ۾ رهيو.

رپورٽ مطابق ارشد ملڪ جي ٺاهيل ويڊيو  کان مريم نواز لاتعلقي جو اظهار ڪيو.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ويڊيو 2003 ۾ جوابدار ميان طارق ٺاهي هئي، ان حوالي سان شهباز شريف، احسن اقبال، خواجا آصف ۽ عطا تارڙ کان به پڇا ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*