جيڪب آباد ۾ گهر ڀاتين پاران ننڌڻڪو بڻايل پيرسن علاج نه ٿيڻ سبب هڪ وڻ هيٺان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

جيڪب آباد ۾ گهر ڀاتين پاران ننڌڻڪو بڻايل پيرسن علاج نه ٿيڻ سبب هڪ وڻ هيٺان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، پيرسن پٽن کان ڪاوڙيل هو ۽ جيڪي لاوارث بڻائي سکر لڏي ويا هئا، مالڪن پاران گهر خالي ڪرائڻ سبب پيرسن ضلعي ڪائونسل روڊ تي هڪ وڻ هيٺان رهندو هو.

جعفرآباد پاڙي جو رهواسي 70 ورهين جو معذور پيرسن هادي بخش ابڙو علاج نه ٿيڻ سبب ضلع ڪائونسل آفيس واري روڊ تي هڪ وڻ هيٺيان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

پيرسن پنهنجي پٽن کان ڪاوڙيل هو، جنهن کي پٽ ۽ ٻيا گهر ڀاتي لاوارث ڇڏي سکر لڏي ويا هئا، پوليس پهچي فوتي پيرسن جو لاش  پنهنجي تحويل ۾ ورتو

سول لائين پوليس موجب فوتي پيرسن جي پٽ 5 مهينا اڳ هڪ ڇوڪري سان عدالتي پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد سندس پٽ ۽ گهر ڀاتي خوف سبب کيس اڪيلو ڇڏي سکر هليا ويا هئا

پوليس موجب مسواڙ وارو گهر مالڪن پاران خالي ڪرائڻ بعد پيرسن ضلعي ڪائونسل روڊ تي هڪ وڻ هيٺان رهائش اختيار ڪري رکي هئي، سندس وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*