وفاقي حڪومت  سپريم ڪورٽ ۾  ڪراچي جي زمين  جي مد ۾بحريا ٽائون جي جمع ٿيل رقم گهري ورتي

وفاقي حڪومت  سپريم ڪورٽ ۾  ڪراچي جي زمين  جي مد ۾بحريا ٽائون جي جمع ٿيل رقم گهري ورتي، اٽارني جنرل ، وفاق پاران باضابطا طور درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ قائم ٽه رڪني بينچ بحريا ٽائون ڪيس جي شنوائي ڪئي

سپريم ڪورٽ وفاق جي درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته آئين مطابق عدالت ۾ جمع ٿيندڙ رقم پبلڪ فنڊ ۾ هجڻ گهرجي

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو به فيصلو ٿيندو، آئين مطابق ٿيندو،سنڌ حڪومت جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ڪوبه حڪم جاري ڪري نٿا سگهون

واضح رهي ته عدالت جي حڪم تي بحريا ٽائون ڪراچي کي 7 سالن ۾ 360 ارب رپيا جمع ڪرائڻا آهن

عدالت ڄاڻايو ته ڪيس جي باقي شنوائي گرمين جي موڪلن کانپوءِ ٿيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*