راڳي جگر جلال سميت 5 ڄڻن جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن دوران شهيد ٿيل ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ زخمي اهلڪار بابر شاهه جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت ناپرڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو

راڳي جگر جلال سميت 5 ڄڻن جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن دوران شهيد ٿيل ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ زخمي اهلڪار بابر شاهه جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت ناپرڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، سرڪار پاران ايس ايڇ او امتياز کهاوڙ جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي جي ڀاڻيج سوڌو 22 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ڪچي ۾ ڌاڙيل سان مقابلي دوران شھيد ٿي ويل ڊي ايس پي رائو شفيع الله  ۽ زخمي ٿيل اھلڪار بابر شاھ جو ڪيس ناپرڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو

سرڪار پاران ايس ايڇ او امتياز کھاوڙ جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ پوليس مقابلي ۽ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم لڳايا ويا آهن

ڪيس ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي جي گرفتار ٿيل ڀاڻيج عبدالواحد تيغاڻي، ٻيلو تيغاڻي، يعقوب جھنگل، سکيو، عطاءُ الله، گلشير، جيئند سونارو، ممتاز علي، گل ڀلڙ، حاڪم عارف سڀيئي تيغاڻي سميت 16 سڃاتل ۽ 6 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

فريادي ايس ايڇ او امتياز کھاوڙ ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته ڳجھي اطلاع تي فنڪار جگر جلال سميت 5 مغوين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي دوران مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ڊي ايس پي رائو شفيع الله  شھيد ٿي ويو ۽ اھلڪار بابر شاھ زخمي ٿي پيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*