پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گجرات ۾ مسلمان جو قاتل مودي هاڻي ڪشميرين جو قتل ڪري رهيو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گجرات ۾ مسلمان جو قاتل مودي هاڻي ڪشميرين جو قتل ڪري رهيو آهي، نريندر مودي رڳو سري نگر ۾ داخل ٿي ڏيکاري هو پنهنجي حيثيت سڃاڻي ويندو

اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ مودي کي رڳو قاتل جي طور ياد رکندي، جيڪڏهن نريندر مودي ڪشميرين کي حق ڏنا آهن ته پوءِ هو ڪرفيو هٽائي ۽ سرينگر ۾ جلسو ڪري اتي جي عوام کان ان بابت پڇاڻو ڪري، ڪشمير جو عوام ٻڌائيندو ته سندس اهڙي قدم جي حيثيت ڇا آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي جارحيت خلاف اڄ ڪو به اسان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي

پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ احتساب نه پر سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، بغير ثبوتن جي سڀني کي جيل موڪليو پيو وڃي، حڪومت ٻڌائي ته ڇا ڪرپشن ختم ٿي وئي آهي؟

هن چيو ته هڪ پاسي ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان کي سفارتي سطح تي دنيا ۾ تباهه ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان چيو هو ته هوءَ اقتدار ۾ آيو ته احستاب ڪندو، هيءَ ڪهڙو احتساب آهي جو مالم جبه ڪرپشن جي فائيل لڪائي وئي آهي، ملڪ احتساب نه پر انتقام ورتو پيو وڃي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بزدل ماڻهو ئي عورتن سان جيلون ڀرندا آهن، فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال کان جيل منتقل ڪيو ويو، اسان ڪٺپتلي وزيراعظم جو مقابلو ڪنداسين

پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم چيو هو ته هو آپگهات ڪري ڇڏيندو پر ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيندو پر حڪومت اسان جي پنجن سان جيترو قرض هڪ سال ۾ وٺي ڇڏيو آهي

هن چيو ته اڄ اهي حالتون آهن جو هر شهري پريشان آهي ته هو ٻن ويلهن جي ماني به کائي سگهي ٿو يا نه، حڪومت غريب عوام تي مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو هر طبقو مهانگائي ۽ ٽئڪس سبب پريشان آهي، حڪومت گهر ڏيڻ جو واعد ڪيو پر حددخلين جي آڙ  ۾ ماڻهن کان گهر کسيا پيا وڃن، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ويو پر ماڻهن کان روزگار کسيو ويو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واعدا ڪرڻ ته آسان آهن پر اهي پاڙڻ ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، جيڪڏهن واعدا ڪوڙ تي ٻڌل آهن ته اهي پاڙڻ ڏکيا ٿي ويندا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*