شڪارپور جي ڳڙهي تيغي واري ڪچي مان اغوا ٿي ويل راڳي جگر جلال چئن ساٿين سميت راڄوڻي ڪوششن سان بازياب ٿي ويو

شڪارپور جي ڳڙهي تيغي واري ڪچي مان اغوا ٿي ويل راڳي جگر جلال چئن ساٿين سميت راڄوڻي ڪوششن سان بازياب ٿي ويو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو آهي ته مغوين جي بازيابي پوليس جي آپريشن سان ئي ٿي آهي، راڄوڻي ڪيون ها ته مغوين جي بازيابي ۾ گهڻو وقت لڳي وڃي ها، مغوي بازياب ٿي ويا، شهيد ڊي ايس پي رائو شفيع جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو ويندو، آپريشن اڃا به هلندڙ آهي، جيڪو جاري رهندو.

راڳي جگر جلال، سندس پٽ آفتاب چانڊيو، ڀائيٽيي امير علي، باجي وارو استاد لطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر کهاوڙ کي ڳڙهي تيغو واري علائقي مان بازياب ٿي ويا، ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاهه جي نگراني ۾ کين شڪارپور منتقل ڪيو پيو وڃي.

جگر جلال ۽ سندس ساٿي شڪارپور منتقل ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد، ٻين پوليس آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا کي آگاهي ڏيندو

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو ته جگر جلال ساٿين سميت بازياب ٿي ويو آهي، کيس ڪچي کان شڪارپور منتقل ڪيو پيو وڃي، هڪ ڪلاڪ اندر منتقل ٿي ويندو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته پوليس جو بهترين آپريشن رهيو، مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ناهي ڪرائي، نه ئي ان ۾ يقين رکون ٿا

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو ته آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام سڀاڻي سکر پهچي شهيد رائو شفيع الله جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪندو ۽ ڪشمور ۾ امن امان بابت گڏجاڻي جي صدارت به ڪندو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته مغوي بازياب ٿي ويا، پوليس جا ڪمانڊوز اڃا به ڳڙهي تيغو واري ڪچي ۾ موجود آهن، آپريشن جاري رکيو ويندو ۽ شهيد ڊي ايس پي رائو شفيع جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

ايس ايس پي اسد ڪشمور رضا شاهه ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي پوليس جي حڪمت عملي تحت ئي ٿي آهي

ايس ايس پي اسد رضا شاهه چيو ته ڳڙهي تيغي وارو علائقو جنگ واري حالت ۾ آهي، پوليس جو گهيرو برقرار رهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*