وزيراعظم عمران خان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن بابت آگاهي ڏني

وزيراعظم عمران خان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن بابت آگاهي ڏني، وزيراعظم چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهي ڏني

وزيراعظم عمران خان جرمن چانسلر کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کان آگاهه ڪيو

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪيو آهي ۽ ڀارت والاري ڪشمير جو جاگرافيائي ڍانچو تبديل ڪري رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ ڀارت جي پنهنجي واعدن  جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت کي هر حال ۾ روڪڻو پوندو ٻي صورت ۾ ڀارتي قدمن سان ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.

وزيراعظم عمران خان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل کي ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ بليڪ آئوٽ آهي، عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري

وزيراعظم چيو ته ڀارت جي قدمن سان خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي غيرقانوني ڪارروائي ڪري دنيا جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو

وزيراعظم عمران خان ۽ جرمن چانسلر  خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

انجيلا مرڪل چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال جو باريڪ بيني سان جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻن، ٻطرفو مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*