وزيراعظم عمران خان سموري ملڪ ۾ بي نامي ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي

وزيراعظم عمران خان سموري ملڪ ۾ بي نامي ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي بي نامي ملڪيتن جي نشاندهي جي ذميواري ڏني وئي آهي

وزيراعظم آفيس پاران سمورن صوبائي چيف سيڪريٽري کي خط لکي فيصلي بابت آگاهي ڏني وئي آهي

وزيراعظم آفيس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ڊپٽي ڪمشنرز هڪ مهيني  اندر بي نامي ۽ شڪي ملڪيتن جي نشاندهي ڪري رپورٽ ڏيڻ جا پابند هوندا

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مقرر ڪيل وقت ۾ بي نامي ملڪيت جي نشاندهي نه ٿيندڙ ملڪيت جو بعد ۾ پتو پوڻ تي لاڳاپيل ڊي سيز ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽيز خلاف ڪارروائي ٿيندي

وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب سمورا آفيسرز 30 سيپٽمبر تائين پنهنجي رپورٽ چيئرمين ايف بي آر کي موڪلڻ جا پابند آهن، رپورٽ جي ڪاپي وزيراعظم آفيس کي به اماڻي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*