لاهور جي اينٽي نارڪوٽڪس عدالت مسلم ليگ نون  جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ چوڏهن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي اينٽي نارڪوٽڪس عدالت مسلم ليگ نون  جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ چوڏهن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

منشيات هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار  مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله  سميت سمورن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ۾ شنوائي دوران  اي اين ايف  عملدارن  راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري  جا سي سي ٽي فوٽيجز پيش ڪيا.عدالت راڻا ثناءُالله جي صحيح کانپوءِ سي سي ٽي  وي فوٽيجز  سيل ڪري ڇڏيا.

 عدالت اي اين ايف کي  هدايت ڪئي ته  ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو سمورو ريڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

ان موقعي تي راڻا ثناءُالله جي وڪيلن پاران ضمانت جي درخواست  به داخل ڪئي وئي، جنهن تي اينٽي نارڪوٽڪس عملدارن ضمانت جي درخواست تي دليلن لاءِ مهلت گهري ورتي آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته منهنجي ناٺي کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هي ظلم جلد ختم ٿيندو ۽ اسان سرخرو ٿينداسين.

هن چيو ته سياسي انتقامي جو حوصلي سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ان کان اڳ پيشي جي موقعي تي راڻا ثناءُالله  پنهنجي گهر واريءَ سان به عدالت جي ڪمري ۾ ملاقات ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*