پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل  جي وچ ۾ اڄ شام پنجين وڳي ٽيليفونڪ رابطو طئي ٿي ويو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل  جي وچ ۾ اڄ شام پنجين وڳي ٽيليفونڪ رابطو طئي ٿي ويو،پرڏيهي وزير  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن  جي ڀڃڪڙين بابت آگاهه ڪندو.

ذريعن مطابق  شاهه محمود قريشي والاريل ڪشمير ۾ امن امان جي بدترين صورتحال ۽ ڪشميرين سان ظلمن بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪندو.

واضح رهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل  اڄڪلهه فرانس جي دوري تي آهي.

پاڪستان والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيو آهي.ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير پاران ٽيليفونڪ رابطا جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*