ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته يقين آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو نه ڪندو

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته يقين آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو نه ڪندو، جيڪڏهن پاڪستان تي حملو ٿيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ۽ هي آخري جنگ هوندي.

 آزاد ڪشمير جي علائقي ڌير ڪورٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل جي انتظار ۾ آهن ۽ 72 سالن کان جانيون قربان ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سموري دنيا نازي ۽ هٽلر مودي جي خلاف ٿيندي پئي وڃي.

شيخ رشيد چيو ته ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري نازي مودي سڀ کان وڏي غلطي ڪئي آهي.

هن چيو ته پاڪستان تي حملو ڪيو ويو ته ڀارت ۾ گاهه به نه ڦٽندو.

شيخ رشيد چيو ته جڏهن کان ڪرفيو جهڙي صورتحال پئدا ٿي آهي والاريل ڪشمير ۾ کاڌ خوراڪ جي شين ۽ دوائين جي کوٽ پئدا ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*