نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيف اليڪشن ڪمشنر پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ واري فيصلي جو  آڌر ڀاءَ ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو  ثابت ڪري ٿو

نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيف اليڪشن ڪمشنر پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ واري فيصلي جو  آڌر ڀاءَ ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو  ثابت ڪري ٿو ته حڪومت غيرآئيني، غير قانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قدم کنيو.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي غير آئيني مقرري پٺيان  مجرماڻا مقصد لڪل آهن،عمران خان اهڙن قدمن سان فارن فنڊنگ ڪيس کان بچڻ ٿو چاهي.

هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو فيصلو آئين مطابق ۽ ساراهه جوڳو آهي.

هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران صاحب توهان جي ارڙهن جعلي اڪائونٽس کان بچڻ واري سازش وائکي ٿي وئي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته سيليڪٽيڊ کي هر جاءِ تي سليڪٽيڊ گهرجن ته جيئن هر معاملي ۾ پاڻ کي ڪلين چٽ ڏياري سگهي.

هن حڪومت کي مشورو ڏنو ته اها آئين ۽ قانون تي عمل ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي شفاف مقرري وارو قانوني عمل ٻيهر شروع ڪري .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*