ميئر ڪراچي وسيم اختر  وفاقي وزير فيصل واوڊا جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته فيصل واوڊا اِن گائيڊڊِ ميزائل آهي، کيس سياست ڪرڻ به نٿي اچي

ميئر ڪراچي وسيم اختر  وفاقي وزير فيصل واوڊا جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته فيصل واوڊا اِن گائيڊڊِ ميزائل آهي، کيس سياست ڪرڻ به نٿي اچي، وزيراعظم وفاقي وزيرن کي غير ذميواراڻا بيان ڏيڻ کان روڪي، عمران خان ايم ڪيو ايم جَي ووٽن سان وزيراعظم ٿيو آهي، وفاقي وزيرن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم گڏ هلڻ تي سوچي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جِي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو فيصل واوڊا کي سياست جي ڪهڙي خبر هو ته اِن گائيڊيڊ ميزائل آهي

وسيم اختر چيو ته وزيراعظم  پنهنجي وزيرن کي غير ذميواراڻا بيان ڏيڻ کان روڪي

ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته ، عمران خان ايم ڪيو ايم جَي ووٽن سان وزيراعظم ٿيو آهي، وفاقي وزيرن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم پوفاقي حڪومت سان گڏ هلڻ تي سوچي سگهي ٿي

واضح رهي ته فيصل واوڊا، گذريل ڏينهن ميئر ڪراچي وسيم اختر کي ڪرپٽ قرار ڏنو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*