دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پينٽاگون جا الزام بي بنياد آهن ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج، دهشتگردي جي خاتمي ۾ نرمي اختيار ڪرڻ بابت آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سرگرم آهي، ملڪ اندر داعش جي وجود جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

واشنگٽن ۾ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته پاڪ فوج دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سرگرم آهي، فوج ۽ قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 50 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، دهشتگردن خلاف نرمي اختيار ڪرڻ بابت پينٽاگون جا الزام بي بنياد آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو آهي، آپريشن دوران دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.

داعش بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ملڪ اندر داعش جي وجود جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ميجر جنرل عاصم باجوا وڌيڪ چيو ته بلوچستان اندر پرڏيهي عنصرن جي حوصلا افزائي وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*