سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق ۾ڪنهن جي به حڪومت هجي پر سنڌ ۾اسان سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون

سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق ۾ڪنهن جي به حڪومت هجي پر سنڌ ۾اسان سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، وفاقي حڪومت جڏهن به اجلاس لاءِ گهرايو، مون شرڪت ڪئي آهي، حضرت عبدالله شاهه غازي جي عرس جي موقعي تي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهر ۾ مکيون وڌي ويون آهن، ميئر ڪراچي رڳو فيوميگيشن ڪرائي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عوام هن وقت ڏکيائين جو شڪار آهي، جن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي مان گند کڻڻ وارو ڪم سولو ناهي، پر تنهن باوجود سنڌ حڪومت مڪاني ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو

گورنر عمران اسماعيل چيو ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾اختلاف ضرور آهن، پر ڪا اهڙي دشمني ناهي جو پاڻ ۾ ملاقاتون نه ڪري سگهون

هن وڌيڪ چيو ته وفاق پاران مالي معاملن ۾سنڌ سان ناانصافي ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي، سمورن صوبن جيان سنڌ سان به مالي معاملن کي بهتر نموني انجام ڏئي رهيا آهيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*