پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي آگاهي ڏني

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي آگاهي ڏني، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  دنيا جي نام نهاد جمهوريت فسطائيت جو مظاهرو ڪيو، ڀارت جو اصل چهريو دنيا آڏو اچي ويو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شام جو پنجين وڳي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ڳالهيون ڪيون.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انتونيو گوتريس کي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي گڏي قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت طرفان ڪلسٽر بمن جي استعمال تي به آگاهي ڏني.

شاهه محمود قريشي رابطي دوران سيڪريٽري جنرل کي چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي روڪڻو پوندو

ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل چيو ته والاريل ڪشمير جي ڳڻتي واري صورتحال تي نظر آهي، گڏيل قومون ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون

سيڪريٽري جنرل سان رابطي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل والاري ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي آگاهي ڏني، کيس ٻڌايو ته واديءَ جي عوام تي ڪلسٽر بمن ۽ پيلٽ گنز جو استعمال ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ شهرين کي بغاوت تي مجبور ڪري رهي آهي، گڏيل قومن کي ڪشميري عوام جي جانين جي تحفظ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ گهرجن

سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته واديءَ ۾ جمع نماز ادا ڪرڻ دوران رنڊڪون وڌيون ويون، ڪيترن ئي مسجدن کي شهيد ڪيو ويو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سيڪريٽري جنرل کي کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڀارت ڪنهن حملي جي تياري آهي، ڀارت پلوامه جهڙو ڪو ڊرامو رچائي سگهي ٿو

هن چيو ته ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو اچي ويو آهي، ڀارتي حڪومت پنهنجي ملڪ جي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ کيس ايئرپورٽ تان واپس روانو ڪيو ويو، ڀارت ۾ به ڪو مودي حڪومت جو ساٿ نه ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت جي 5 آگسٽ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڀارتي حڪومت جي اسان سان گڏ ويهڻ ته پري جي ڳالهه پر هو پنهنجي اپوزيشن سان به گڏ نه پئي ويهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته انتونيو گوتريس کي ٻڌايو آهي ته گڏيل قومون وادي جي تبديلي ۾ رڪاوٽ بڻجي، سڀني کي دعوت ڏيون  ٿا ته ڪو آزاد ڪشمير اچڻ چاهي ٿو ته اچي ۽ صورتحال کي ڏسي وڃي، مطالبو ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جو مبصر گروپ والاريل ڪشمير موڪليو وڃي ته جئين دنيا آڏو حقيقت سامهون اچي ته ڀارت ڪيترا ظلم ڪري پيو.

پرڏيهي وزير چيو ته سيڪريٽري جنرل  ٻڌايو ته هو فرانس ۾ موجود آهي ۽ اتي نريندر مودي سان ڪشمير صورتحال تي ڳالهائيندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*