پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ليڊر نه پر رانديگر آهي جيڪو ملڪ جي مستقبل سان کيڏي رهيو آهي، سلڪيٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ليڊر نه پر رانديگر آهي جيڪو ملڪ جي مستقبل سان کيڏي رهيو آهي، سلڪيٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

گلگت بلتستان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت سمورو ملڪ غيريقيني واري صورتحال مان گذري رهيو آهي

هن چيو ته نريندر مودي والاريل ڪشمير تي تاريخي حملو ڪيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ ايل او سي  تي شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي

سندس چوڻ هو ته اهڙي وقت ۾ ملڪ تي سليڪٽڊ وزيراعظم کي مڙهيو ويو آهي جنهن کي نه مسئلن جو اندازو آهي ۽ نه وري مسئلا حل ڪرڻ جي ڪا صلاحيت آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم حڪومت جي پهرين سال ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ اندر غربت بيروزگاري ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ واحد جماعت آهي جنهن پنهنجي حڪومت دوران گلگت بلتستان تي خاص ڌيان ڏنو، شهيد ذوالفقار ڀٽو هن علائقي مان ايف سي آر جو خاتمو آندو ۽ ماڻهن کي سبسڊي ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*