سپريم ڪورٽ پاران ڊي نوٽيفاءِ ڪيل جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي کي لاڙڪاڻي جي عوامي اتحاد پي ايس11 جي ننڍي چونڊ ۾ ٻيهر اميدوار بيهارڻ  جو فيصلو ڪيو آهي

سپريم ڪورٽ پاران ڊي نوٽيفاءِ ڪيل جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي کي لاڙڪاڻي جي عوامي اتحاد پي ايس11 جي ننڍي چونڊ ۾ ٻيهر اميدوار بيهارڻ  جو فيصلو ڪيو آهي

لاڙڪاڻي جي عوامي اتحاد جي گڏجاڻي ڪنوينر حاجي منور علي عباسي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ايم پي اي معظم عباسي بابت عدالتي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو ويو

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڊي نوٽيفاءِ ڪيل ايم پي اي معظم عباسي کي پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ عوامي اتحاد جو اميدوار بڻائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته سنڌ حڪومت گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلين جا رڪارڊ ٽوڙيا، پي ايس 11 تي چونڊ لاءِ وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن شفافيت کي يقيني بڻائين.

اجلاس ۾ ڪشميرين تي ڀارتي فوج جي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪشميرين سان ڀرپور ايڪي جو اظهار به ڪيو ويو

اجلاس ۾  اڳواڻن عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بجلي جي لوڊشيدنگ ۽ ڳرن بلن تي ڀرپور آواز اٿارڻ جو فيصلو به ڪيو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*