لاڙڪاڻي واسي پهرين سنڌي يورپ جي مائونٽ ايلبرس جي چوٽي سَر ڪري ڌرتيءَ واسين جو ڳاٽ فخر وچان اوچو  ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي واسي پهرين سنڌي يورپ جي مائونٽ ايلبرس جي چوٽي سَر ڪري ڌرتيءَ واسين جو ڳاٽ فخر وچان اوچو  ڪري ڇڏيو

21 ورهين جي اسد ميمڻ يورپ جي سڀ کان وڏي جبل مائونٽ ايلبرس جي چوٽي سر ڪري پهريون سنڌي ۽ ايشيئن جبل چاڙهو بڻجي ويو

پاڪستاني نوجوان جبل تي پنهنجي منزل تي پهچي پاڪستاني جهنڊو بلند ڪندي پنهنجي ڪاميابي ڪشميري جي مظلوم عوام جي نالي ڪئي

 اسد ميمڻ مائونٽ البرس جي چوٽي سر ڪري عالمي رڪارڊ به قائم ڪيو آهي

مائونٽ ايلبرس جي بلندي ساڍا 18 هزار فٽ کان وڌيڪ آهي، جيڪو روس جي ڏکڻ ۾ واقع آهي،  هن چوٽيءِ جو شمار سيون سمٽ ۾ ٿيندو آهي، جنهن کي سر ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي کان وڌيڪ جو وقت لڳندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*