آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي مڪمل نظر آهي، پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي مس ايڊوينچر کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي مڪمل نظر آهي، پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي مس ايڊوينچر کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فارميشن هيڊڪوارٽر گلگت جو دورو ڪيو، جتي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ جوانن کي خطاب ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان اوڀر سرحد تي موجود خطري کان مڪمل طور آگاهه آهيون، اوڀر سرحد تي خطري جو تعلق والاريل ڪشمير جي صورتحال سان آهي

آرمي چيف چيو ته اسان جِي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي مڪمل نظر آهي، پاڪ فوج ڪنهن به اڳرائي کي ڀرپور منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي

آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف موسمي تبديلين ۽ زميني صورتحال باوجود جوانن ۽ آفيسرز جي تياري جي واکاڻ ڪئي ۽ دنيا جي مٿانهين جنگي ميدان ۾ جوانن جي جذبي جي واکاڻ ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*