مولانا فضل الرحمان اسفند يار ولي ۽ آفتاب شيرپائو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪن افغان صدر اشرف غني

 افغان صدر اشرف غني، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کان اڳ ملڪ جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، افغان صدر جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي ۽ آفتاب شيرپائو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪن.

افغان صدر اشرف غني ڪجهه دير ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري رهيو آهي، ملاقات دوران پاڪ-افغان لاڳاپن سميت ملڪ جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

ان کان اڳ افغان صدر اشرف غني، عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي آفتاب شيرپائو ۽ افراسياب خٽڪ سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ افغان لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي افغان صدر چيو ته مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي ۽ آفتاب شيرپائو افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

اي ين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو ته سندس دعا آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين.

آفتاب شير پائو جو چوڻ هو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏين، ٻنهي ملڪن جو عوام امن جو خواهشمند آهي.

افغان صدر اشرف غني پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سينيٽر اعتزاز احسن، فرحت الله بابر، شيري رحمان ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سان به ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*