گهوٽڪي ۾ درگاهه حسين شاهه محلي جي رهواسڻ مسمات اختياران خاتون معصوم ٻارڙن سوڌو احتجاج ڪندي دانهيو آهي

گهوٽڪي ۾ درگاهه حسين شاهه محلي جي رهواسڻ مسمات اختياران خاتون معصوم ٻارڙن سوڌو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته برادري جي ماڻهن کيس ٻارڙن سوڌو بيدخل ڪري پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

مسمات اختياران خاتون ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس پهچي دانهيندي الزام هنيو ته سندس ڀاءُ طرفان ڏنل پلاٽ واري گهر تي برادري جي ماڻهن شبو ۽ مجو ڪوري قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته جوابدارن کيس ٻارڙن سوڌو تشدد جو نشانو بڻائي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هـُُوءَ دربدريءَ واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.

هن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري سندس مڙس ۽ ڀائرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، انساني حقن جا ادارا ۽ اختياريون نوٽيس وٺي کيس پلاٽ واپس ڏيارين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*