شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي نظريي تي هلي رهيو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمرڪوٽ جي شــِوِ مندر مان نريندر مودي کي اهو پيغام ڏيان ٿو ته تون سري نگر ۾ مسلمانن جي آڏو بيهي نه ٿو سگهين، اسان هندو برادري سان گڏ سڀ تنهنجي خلاف بيٺل آهيون، اڄوڪو جلسو پاڪستان ۾ يڪجهتي جو ثبوت آهي، سنڌ جا هندو ڀائر به ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، نهرو ۽ گانڌيءَ جو هندستان انتهاپسندن وٽ يرغمال بڻيل آهي.

عمرڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هـُو انسانيت جو پيغام کڻي شِو مندر آيو آهي، سنڌ جا هندو ڪشميرين سان يڪجهتي ڪن ٿا ۽ مودي ڪشمير ۾ مسجدن کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي نظريي تي هلي رهيو آهي، نهرو ۽ گانڌي جو هندوستان هندو انتهاپسندن وٽ يرغمال بڻيل آهي

هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به تڪراري تسليم ڪيو، سلامتي ڪائونسل ۾ 54 سالن کانپوءِ ڪشمير مسئلي تي بحث ٿي رهيو آهي، مسئلي جو حل به گڏيل قومن جي چارٽر موجب نڪرندو.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي، مودي چونڊيل قيادت کي به والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، مودي جمهوريت جي دعويٰ به ڪري ٿو ۽ فسطائيت جو مظاهرو به ڪري ٿو.

پرڏيهي وزير، ڀارتي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا مودي اوهان هيومن رائٽس جي نمائندن کي سري نگر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندا؟

شاهه محمود قريشي جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته برطانوي پارليامينٽ جي پنجاهه ميمبرز گڏيل قومن کي ڪشمير جو ڪيس ٻڌڻ لاءِ خط لکيو آهي، 2 سيپٽمبر تي برسلز ۾ يورپي پارليامينٽ ۾ به ڪشمير مسئلو بحث هيٺ ايندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته اڄ ڪشميرين جي حق ۾ ۽ ظلم خلاف آواز اٿاري رهيا آهيون، هي آواز دٻجڻ وارو ناهي، منطقي انجام تي پهچڻ تائين جاري رهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*