پ پ کي ٽوڙڻ جون سازشون ناڪام ٿينديون: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جي ڊي اي پنهنجون سيٽون بچائي، پيپلزپارٽي جا ايم پي اي سڀ متحد آهن، پيپلزپارٽي کي ٽوڙڻ جون سازشون ٿين پيون، جيڪي ناڪام ٿينديون

ٽنڊو الهيار ۾ پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاهه سان سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهيندي وڏي وزير چيو ته آغا سراج دراني سينئر ماڻهو آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي، وفاقي حڪومت سازشون ڪرڻ بدران عوام جي خدمت ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي گٽر نالن جي صفائي ڪرڻ ڪي ايم سي جو ڪم آھي، وفاقي حڪومت ٽنگ اڙائي رهي آهي

وڏي وزير چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري سخت بيماري باوجود ڪيسن کي منهن ڏي پيو، پي ٽي آئي جي سياست سمجھ کان ٻاهر آھي، اڳوڻي صدر سان سندس نياڻي کي ملڻ نه ڏنو ويو

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*