نئين گهر جي تعمير لاءِ 2 وڻ لڳائڻ لازمي هوندو: لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

لاهور هاءِ ڪورٽ سرسبز پاڪستان بابت وڏو فيصلو جاري ڪندي نئين گهر جي تعمير لاءِ 2 وڻ لڳائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس جواد حسن پاران 78 صفحن تي لکيل فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته وڻ نه لڳائيندڙ هائوسنگ سوسائٽيز جا نقشا منظور نه ڪيا وڃن ۽ وڻ نه لڳائيندڙ فئڪٽرين جي اين او سي به رد ڪئي وڃي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ عوامي جاين تي وڻ لڳايا وڃن، وڻ لڳائڻ  ۽ وڻن جي واڍي لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪرڻ لازمي هوندو

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي مستقبل جو معاملو آهي ان ڪري وڌ کان وڌ وڻ لڳايا وڃن

لاهور هاءِ ڪورٽ جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ وڻ لڳائڻ لاءِ حڪومتي پاليسي جي واکاڻ به ڪئي وئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*