آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو ڪور هيڊڪوارٽر لاهور جو دورو: آءِ ايس پي آر

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور هيڊ ڪواٽرز لاهور جو دورو ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بارڊر جي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف آپريشن پاڪ فوج کي بهترين جنگ وڙهڻ واري فوج بڻائي ڇڏيو آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته مونکي پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن تي فخر آهي، پاڪ فوج ثابت قدم آهي

جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته اسان مڪمل طور تيار آهيون، پاڪ فوج جا آفيسرز ۽ جوان قوم جي اميدن تي پورو لهن ٿا

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان رينجرز پنجاب جو دورو به ڪيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*