سنڌ ۾ برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات  جو سلسلو جاري آهي،برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته برسات بعد ڪيترن علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي

ڪراچي جي گلستان جوهر،شاهراهه فيصل،گارڊن، سرجاني ٽائون، شانتي نگر،گلشن اقبال،ملير ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي

 ڏڪار سٽيل ٿر جي ڇاڇرو ۽ نئون ڪوٽ ۾ برسات ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪون آڻي ڇڏيون آهن

 ڊگهڙي، حيدرآباد، سکر، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، کڏڙو ۽ پنوعاقل ۾ به وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ٿاڻي بولاخان ۾ برسات کانپوءِ نيون وهي آيون

پنگريو، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾ مٽي جو طوفان آيو، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب رهواسين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*