محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو

محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو، پهرين محرم الحرام سڀاڻي آچر ڏينهن ۽ يوم عاشور 10 سيپٽمبر اڱاري ڏهاڙي ٿيندو

 اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون ملڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي چنڊ نظر اچڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين محرم سڀاڻي آچر ڏينهن ٿيندي.

چنڊ ڏسڻي مرڪزي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان چيو ته اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي موجب سڀاڻي آچر پهرين محرم الحرام هوندو، يوم عاشور 10 سيپٽمبر اڱاري ڏهاڙي ٿيندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*