وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ 4 رپيا 59 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

حڪومت مهانگائي سٽيل عوام کي رليف ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول 4 رپيا 59 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 113 رپيا 24 پئسا في ليٽر ٿي ويو

ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 33 پئسا لاٿ ڪئي وئي جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 127 رپيا 14 پئسا ٿي ويو آهي.

حڪومت پاران لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 63 پئسا گهٽتائي بعد لائٽ ڊيزل جو نئون اگهه 91 رپيا 89 پئسا ٿي ويو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 27 پئسا لاٿ کانپوءِ گاسليٽ جو نئون اگهه 99 رپيا 57 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي وارا نوان اگهه اڄ رات جو 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*