سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي آفيسرن کي 20 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏئي ڇڏيون

سنڌ حڪومت مختلف آفيسرن کي 20 هين گريڊ ۾ترقيون ڏئي ڇڏيون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن شمس الدين شيخ ۽ اڪبر بلوچ کي چيف انجنيئر جي عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون آهن

توانائي کاتي جي آفيسر عزيز الله ميمڻ کي ڊي جي پاور ڊولپمينٽ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب زراعت کاتي جي آفيسرن شڪيل شيخ ۽ پريم چند کي  ايڊيشنل ڊي جي بڻايو ويو آهي

صحت کاتي جي ڊاڪٽر فرزانه ميمڻ، شائسته ۽ قربان سومري کي سينيئر ڊينٽل سرجن طور ترقي ڏني وئي آهي

زراعت کاتي جي الهورايو رند، انور ڀٽو ۽ فرخ غياس کي به ايڊيشنل ڊي جي بڻايو ويو آهي

ٻي پاسي چيف سيڪريٽري ايس پي ايس سي جي ڪنٽرولر جي عهدي تان هٽايل آفيسر هادي بخش ڪلهوڙي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته  هادي بخش ڪلهوڙي پاران ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ نه ڪرڻ تان چيف سيڪريٽري مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس جاري ڪيو آهي

نوٽيس موجب هادي بخش کي 3 ڏينهن جي اندر وضاحت پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*