يورپي يونين جي پارليامينٽ ۾ اڄ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحث هيٺ اينديون

يورپي يونين جي پارليامينٽ ۾ اڄ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحث هيٺ اينديون، يورپي پارليامينٽ جي اڄوڪي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر خاص طور تي شرڪت ڪندو.

يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس اڄ برسلز ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ والاريل واديءَ ۾ جاري ڀارتي ڏاڍ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي بحث ڪيو ويندو.

ڪشمير ڪائونسل يورپ جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اجلاس جي ايجنڊا تي اچڻ وڏو قدم آهي.

يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو، جيڪو آزاد ڪشمير جي سرحدي علائقن ۾ موجود پاڪستاني آبادي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گوليباري سبب تباهي ۽ جاني نقصان وارو معاملو به اٿاريندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*