ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبو مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبو مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو،وڏي وزير چيو آهي ته ڪي فور منصوبي جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ اڌ رقم وفاق ۽ اڌ سنڌ حڪومت ادا ڪندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور منصوبي بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ڪي فور منصوبو مڪمل ڪرڻ بابت اتفاق ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي جي لاڳت 25 ارب مان وڌي 55 ارب ٿي وئي آهي، اڌ رقم وفاق ۽ اڌ رقم سنڌ حڪومت ادا ڪندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*