لاڙڪاڻي ۾ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي علي جان جي وارثن ميئر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ ميئر جي شادي هال آڏو گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻارڙَي علي جان جي وارثن ميئر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته شادي هال مان لکين رپيا ڪمائيندڙ  ۽ ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين رپيا وٺندڙ ميئر گٽرن جا ڍڪڻ به نه پيو لڳائي سگهي.

کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻارڙي علي جان  جي پيءُ نديم ۽ چاچي  ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شادي هال مان لکين رپيا ڪمائيندڙ  ۽ ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين رپيا وٺندڙ ميئر گٽرن جا ڍڪڻ به نه پيو لڳائي، ميئر خير محمد شيخ واقعي جو سمورو بار پوليس تي اڇلائي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ميئر خير محمد شيخ جو چوڻ آهي ته گٽرن جا ڍڪڻ چوري ڪيا پيا وڃن، پوليس وارن وائرليس تي ميسيج هلايو ته ڍڪڻ چوري ڪندڙ کي گرفتار نه ڪرڻو آهي

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻارڙو علي جان لاڙڪاڻي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*