ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو  ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگ جي آفيس تي ڇاپو

ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو  ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگ جي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، عملدارن جو چوڻ آهي ته  آفيس ۾ 2018 ۽ 19 ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ آيل ڪروڙين رپين ۾ ڪرپشن واري شڪايت تي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم ايگزيڪٽيو انجنيئر بلڊنگ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي سال 2018 ۽ 2019 ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ آيل  فنڊن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

عملدارن جو چوڻ آهي ته  آفيس ۾ ڪروڙين روپيا آيل رقم ۾ ٺيڪيدارن ۽ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن

هنن چيو ته ڊي سي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور جي ليٽر تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*