موسميات کاتي پاران لوئر سنڌ ۾ 30 سيپٽمبر تائين چوماسي برساتن جي اڳڪٿي

موسميات کاتي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ 30سيپٽمبر تائين برساتون جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ چيو آهي ته  ڪراچي ۾ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ٻيهر تيز برسات ٿيندي، برساتن جو ايندڙ سسٽم وڏو طاقتور هوندو.

 موسميات کاتي پاران مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو 30 سيپٽمبر تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

چيف ميٽرولاجسٽ ٻڌايو آهي ته ٽن کان چئن ڏينهن ۾برسات جو سسٽم ڪراچي شهر ۾داخل ٿيندو، جيڪو وڏو طاقتور هوندو

هن ٻڌايو ته چوماسي جي برساتن جي سلسلي جو اڃا تائين زور ناهي ٽٽو، ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ برساتن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*