ن ليگ اڳوان احسن اقبال چيو ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي

نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کڻڻ بعد ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا پر اسان جو وزيراعظم هتي ئي ويٺو آهي

اسلام آباد ۾نون ليگ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سرگرم نظر اچي نه رهيا آهن

هن چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي وزيراعظم کي اسلامي ملڪن جا دوران ڪرڻ گهربو هو پر هن ائين نه ڪيو آهي، پرڏيهي وزير به رڳو چين جو ئي دورو ڪيو

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي شهه رڳ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم وڌي رهيو آهي، اسان جو وزيراعظم رڳو پنهنجي مريدن جي جهرمٽ ۾ ئي ويٺل آهي

نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪارخانا بند ۽ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي

احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ معيشت بچائڻ لاءِ ڪا پاليسي نه آهي ته هو استعفيٰ ڏئي ڇڏي، اقتدار جا مزا وٺڻا آهن ته معيشت بهتر ڪرڻ بابت پلان جي باري ۾ ٻڌايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*