وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيه جو ڪردار تعريف جوڳو آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيه جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، پاڪ فضائيه فيبروري ۾ مضبوط دفاعي طاقت جو شاندار مظاهرو ڪيو

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي سينيئر ميمبرز ۽ صلاحڪارن سان گڏ ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب ايئر هيڊڪوارٽرز  پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو۽ وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل به چاڙهيا

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان فضائي حدن بابت پاڪ فضائيه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي

وزيراعظم عمران خان چيو ته وطن جي مثبت سڃاڻپ ۽ تعميري سرگرمين ۾ پاڪ فضائيه هميشه اڳڀري رهي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*